اسلام آباد: ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ پشتون قومي جرڳو پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، جنهن جي پڄاڻي تي 19 نڪاتي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. جرڳي ڏکڻ پشتونخوا ۾ موجوده سياسي، آئيني، جمهوري، امن امان ۽ خاص طور تي معاشي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ آئين جي مڪمل بحالي، حقيقي جمهو��يت ۽ قومن جي برابري تي ٻڌل وفاق ضروري آهي. جرڳي 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن کي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ قرار ڏيندي چيو ته اڻ چونڊيل ۽ غيرنمائنده پارليامينٽ ذريعي عوام تي آمرانه طرز حڪمراني مڙهي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي، ڦرلٽ ۽ شاهراهن تي سفر خطرناڪ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته صوبي جي سمورن ضلعن جو سول اختيار ختم ٿي چڪو آهي ۽ اهي ايف سي جي ڪنٽرول ۾ هلي رهيا آهن. جرڳي 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي غيرآئيني ۽ غيرجمهوري قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته موجوده نااهل پارليامينٽ کي ختم ڪري ملڪ ۾ آزاد, شفاف ۽ غيرجانبدار نيون چونڊون ڪرايون وڃن. ان کان علاوه، جرڳي زيارت، ڪوئيٽا، پشين ۽ ٻين ضلعن ۾ هٿياربند گروهن طرفان شهرين جي قتل کي سرڪاري پاليسي قرار ڏيندي ايف سي کي فوري طور هٽائڻ ۽ سول انتظاميا بحال ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
جرڳي پاران ڏکڻ پشتونخوا ۾ پشتونن جي اباڻي زمينن ۽ معدنيات جون غيرقانوني الاٽمينٽون رد ڪندي بلوچستان ۾ پشتونن جي حقن جي تحفظ لاءِ الڳ ڏکڻ پشتونخوا صوبو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، علي وزير، ماه رنگ بلوچ ۽ ٻين سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪرڻ، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ فورٿ شيڊول واري پاليسي ختم ڪرڻ جو پڻ زوردار مطالبو ڪيو ويو آهي.