تفصيل موجب ڪشمور ضلعي ۾ اغوا جو سلسلو زور شور سان جاري وڌيڪ پنج ڄڻا اغوا ٿي ويا ڪنڌڪوٽ فاسٽ مائڪرو بينڪ جي پنج ملازم الطاف احمد گولو گلاب احمد ڏاهاڻي فرمان علي لانگاهه ڊرائيور محمد عالم گولو شاهنواز نصيراڻي دڙي سندراڻي ويجهو هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن اهڙو اطلاع غوثپور پوليس کي ڏنو ويو آهي هوڏانهن وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ان موقعي تي وارثن موجب ته پنج ڪلاڪن تائين موبائيل فون بند پيا آهن اسان کي شڪ آهي ته ڪٿي ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويا آهن ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون کان مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوانن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي ڪشمور ضلعي ۾ هن وقت تائين مغوين جو تعداد وڌي 28 ٿي ويو آهي