گهريلو ملازمه فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير فياض شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پير فياض شاهه حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بئنچ مان ضمانت ورتي هئي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پير فياض شاهه کي پريس ڪانفرنس کانپوءِ حويلي ويندي گرفتار ڪيو ويو ياد رهي ته جوابدار پير فياض شاهه گذريل ڏينهن حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بئنچ مان ضمانت ورتي هئي، جڏهن ته جوابدار اسد شاهه ۽ ڪمپائونڊر امتياز جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهن.