فرح گوگي خلاف اربين روپين جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل

لاهور: ايف آءِ اي لاهور فرح گوگي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اينتي ڪرپشن لاهور طرفان فرح گوگي خلاف اربين روپين جي ڪرپشن خلاف اماڻيل درخواست تي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. فرح گوگي گذريل حڪومت جي دور ۾ آر پي اوز، ڪمشنرز، ڊي پي اوز ۽ ڊي سي وغيره جي بدلين جي عيوض اربين روپيه رشوت ورتي آهي. فرح گوگي فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ سال 2021 ۾ 60 ڪروڙ روپين جي ماليت جي 10 ايڪڙ ايراضي پنهنجي ڪمپني المعيز ڊيريز اينڊ فوڊز پرائيويٽ لميٽيڊ جي نالي تي غيرقانوني طور 8 ڪروڙ ۾ الاٽ ڪرائي.ايف آءِ آر موجب فرح گوگي ان کان علاوه سرڪاري آفيسرن مٿان دٻاءُ ذريعي ٺيڪن جا ٽيندرز غيرقانوني طور تي ايوارڊ ڪرائڻ جي مد ۾ به ڪروڙين روپيه رشوت طور ورتا. جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته فرح گوگي جي ذاتي بينڪ اڪائونٽس ۾ گذريل حڪومت جي گذريل 3 سالن ۾ تقريبن 84 ڪروڙ روپيه جمع ڪرايا ويا جيڪي سندس آمدني جي ذريعن کان هڪ جهڙائي نٿا رکن.
فرح گوگي جي سمورن بئنڪ اڪائونٽس ۾ گڏيل طور تي گذريل حڪومت جي دور ۾ تقريبن هڪ ارب روپين کان وڌيڪ روڪ رقم جمع ڪرائي وئي. صرف سال 2019 ۽ 2020 ۾ فرح گوگي جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ 41 ڪروڙ روپيه روڪ جمع ڪرايا ويا. فرح گوگي جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ 50 کان وڌيڪ روڪ رقم جمع ڪرائي وئي جنهن جي جاچ جاري آهي. جاچ دوران فرح گوگي جي اربين روپين جا وڌيڪ بي نامي بئنڪ اڪائونٽس ملڻ جو به امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ فرح گوگي جي نالي تي تيار ٿيندڙ تقريبن 52 ڪروڙ روپين جي ماليت جا اثاثا خاص طور تي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽ، پلازا ۽ گهر سامهون آيا آهن.فرح گوگي ڪرپشن، رشوت ۽ غيرقانوني سياسي اثر رسوخ جي دٻاءُ ذريعي اربين روپيه ڪمايا ۽ پوءِ مني لانڊرنگ ذريعي غيرقانوني اثاثا ٺاهيا. ايف آءِ اي لاهور اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي سي سيڪشن 3 ۽ 4 تحت ڪيس داخل جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ فرح گوگي جي ڪمايل ڪاري ناڻي سان جڙيل وڏا وڏا سياسي ۽ سرڪاري نالا به سامهون اچڻ جو امڪان آهي.