فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) فرحت شهزادي عرف فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ جي لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ذريعن موجب فرحت شهزادي کي پاڪستان آڻڻ جي لاءِ انٽرپول سان رابطي جي فيصلي تي گهرو وزارت کان اجازت گهري وئي آهي.ذريعن موجب فرحت شهزادي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي لاءِ عدالت مان ريڊ وارنٽ حاصل ڪيا ويندا. ذريعن موجب فرحت شهزادي خلاف اسٽيٽ بئنڪ جي هدايت تي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سندس اڪائونٽن مان رڪارڊ ٽرانزيڪشن ٿي هئي.