فريدآباد: جابر حسين چانڊيو پاران نياڻي سان ٿيندڙ ظلم خلاف احتجاج

فريدآباد ويجهو ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي جي رهواسين جابر حسين چانڊيو، سندس زال حبيب خاتون، ۽ ڌي گل جان چانڊيو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته چار مهينا اڳ ڌي گل جان جي شادي عبدالستار سان ڪرائي وئي هئي، جيڪو عيسن فقير جو پٽ آهي. گهر ڀاتين جو الزام آهي ته عبدالستار نياڻي سان روزاني تشدد ڪندو آهي، ۽ مختلف غلط الزام مڙهي کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو. گل جان ٻڌايو ته سندس زندگي جنجال بڻجي وئي آهي ۽ هن کي خطرو آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ظلم ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.