خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اٽڪ جيل مان آزاد ٿيل سرڪاري ملازمن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه تي تنقيد ڪئي. علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد پيدا نه ڪري. جيڪڏهن اڄ ٻيهر چونڊون ٿيون ته جي يو آءِ (ف) هڪ به سيٽ کٽي نه سگهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پرامن احتجاج لاءِ نڪتل اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. اسان جي حڪومت جي 90 سيڪڙو ماڻهن کي عدالتن ذريعي آزاد ڪيو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو رهجي ويا آهن ۽ جلد آزاد ڪيا ويندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف خلاف غير قانوني ڪيسن جو سلسلو جاري آهي. حڪومت جعلي ڪاغذ جاري ڪري عوام کي تنگ ڪري رهي آهي پر ان عمل سان پاڻ بي نقاب ٿي ويا آهن. علي امين گنڊاپور واضح چيو ته جيڪڏهن اسان هن ڀيري ويا ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪري واپس وينداسين. ياد رهي ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ، جيڪي ماضي ۾ سخت سياسي حریف هئا، گذريل ڪجهه وقتن ۾ تمام گهڻيون ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آيون آهن. خاص طور تي 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت ڪيترائي ڀيرا فضل الرحمان سان ملاقات به ڪئي پر ووٽنگ دوران پي ٽي آءِ ترميم جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته جي يو آءِ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو.