بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن فنڊز جي ورهاست تي پيپلز پارٽي جي قيادت کي وڏي وزير جي خلاف شڪايتون ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي حڪومت طرفان فنڊز ڏيڻ جي معاملي تي پيپلز پارٽي جا بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر وڏي وزير سرفراز بگٽي کان ناراض ٿي ويا ۽ انهن پارٽي قيادت کي سرفراز بگٽي جي خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ذريعن موجب پارٽي قيادت صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 جولاءِ کان بلوچستان جو دورو ڪندو. ان دوران اهو پيپلز پارٽي بلوچستان اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ميمبرن جون شڪايتون ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو. ذريعن موجب بلوچستان اسيمبلي ميمبرن کي ڪجهه مخصوص ميمبرن کي فنڊز ملڻ ۽ انهن کي نظر انداز ڪرڻ تي خدشا آهن.