فواد چوڌري عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري 8 فيبروري تي شيڊول عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ پنهنجي پسنديده اميدوار کي چونڊ نه ڪري سگهجي ته اهڙين چونڊن جو ڪهڙو فائدو؟ مون کي گرفتار ڪيو ويو ته جيئن مان چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان هن وڌيڪ لکيو ته اسان جي ڪارڪنن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. بنا ڪنهن جواز جي اسان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. منهنجي ڀاءُ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا ته ان کي نيب ۾ منهنجو شريڪ جوابدار بنايو ويو اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. اهڙين حالتن ۾ منهنجو گروپ چونڊن جي مڪمل بائيڪات جو اعلان ڪري ٿو ياد رهي ته فواد چوڌري جهلم ۾ هائوسنگ پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن تي نيب وٽ گرفتار ٿيل آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد ۽ اعظم سواتي به عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري چڪا آهن انهن پنهنجا ٽڪيٽ پارٽي کي واپس ڪري ڇڏيا آهن.