پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان فواد چوڌري جي پارٽي ۾ واپسي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي حامد خان چيو ته پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پارٽي جي اندر کان هڪ ٻئي پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي وجود ۾ آندي وئي. فواد چوڌري ۽ عمران اسماعيل ان ۾ شامل ٿي ويا هئا، فواد چوڌري هن وقت به ڪنهن جي اشاري تي پارٽي جي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي حامد خان فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جي مخالفت ڪندي چيو ته فواد چوڌري مشڪل وقت ۾ پارٽي ڇڏي ڀڄي ويو هئو، انهي کي پارٽي ۾ واپس اچڻ جو ڪوبه حق نه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته مان عمران خان جي چوڻ تي ئي سياست کان پاسو اختيار ڪري ورتو هو ۽ ان جي چوڻ تي ئي پارٽي کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو. حامد خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته حامد خان پارٽي کي نقصان پهچائي رهيو آهي جيستائين ان مان جان نه ڇڏائينداسين صحيح اپوزيشن نٿي ٿي سگهي هي چاهين ٿا ته انهن جي قد کان وڏا ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل نه ٿين. پارٽي ۾ اختلافن بابت سوال تي حامد خان چيو ته هر پارٽي ۾ اختلاف ٿيندا آهن پر عمر ايوب جو استعيفيٰ پاڻ ۾ اختلافن جي ڪري نه ٿيو آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ عمر ايوب پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. عمران خان جي آزادي بابت سوال تي سينئر قانوندان حامد خان چيو ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ نٿي چاهي ته عمران خان جيل کان ٻاهر اچي ان لاءِڳالهين جو ڪوبه فائدو نه آهي.