“فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي: ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ شھادت”

“فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي: ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ شھادت”

پريالوءِ (رپورٽر) احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا کنڀڙا جي رھواسي فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو، جيڪو ٻه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي هڪ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ شھيد ٿي ويو هو، کي فوجي اعزاز سان سندس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان شيخ طيب ۾ دفن ڪيو ويو. سندس تدفين ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس شھادت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.رپورٽ موجب، شھيد فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو، جيڪو پاڪ آرمي جي جانباز سپاهي هو، ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي ۾ شھيد ٿيو. ان سان گڏ سندس جنازي نماز ۾ فوجي آفيسرن، رينجرس، ۽ علائقي جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن، صحافين، ۽ مقامي برادريءَ جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. تدفين واري تقريب ۾ فوجي اعزاز ۽ سلامي سان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.شھيد جي وارثن، جن ۾ فوجي بلاول کنڀڙو، عبدالقدير کنڀڙو، ۽ ٻين خاندان جا ميمبر شامل آهن، پنهنجي ڳڻتي ۽ غم جو اظهار ڪندي چيو ته انهن کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني ڏيڻ تي فخر آهي. انهن چيو ته شھيد فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو جو خاندان فوج سان وابستہ آهي، ۽ سندس ٽي ڀائر به پاڪ فوج ۾ شامل آهن ۽ مختلف فوجي پوائنٽن تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان کان اڳ، ڪجهه سال اڳ، شھيد فوجي جي سئوٽ، جيڪو سرحدن تي دشمنن سان جنگ ۾ شھيد ٿي چڪو هو، جي قرباني کي پڻ ياد ڪيو ويو.ٻئي طرف، شھيد فوجي حوالدار جو لاش ڪوئيٽا مان فوجي ايمبولنس ذريعي سندس ڳوٺ تائين آندو ويو. ان دوران، لالڻ واھ، احمدپور مين چونڪ ۽ ٻين مختلف هنڌن تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي علائقائي ماڻهن کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ، فوجي حوالدار منير احمد کنڀڙو پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ شھيد ٿيو، جڏهن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي هڪ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ سندس زندگي جي قرباني ٿي. شھيد جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ قومي جهنڊو پڻ سجيو ويو ۽ سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي، جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن ۽ فوجي افسرن طرفان ڀاري تعداد ۾ موجودگي اختيار ڪئي وئي.