فيصل واوڊا نوازشريف کي ملڪ واپس نه اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي ملڪ واپس نه اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته(ن) ليگ جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي. نوازشريف کي واپس نه اچڻ گهرجي. مريم نواز جي جلسي ۾ 500 ماڻهو به نه هئا ته 5 لک ماڻهو مينار پاڪستان ڪيئن پهچندا فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ موجوده حالتون اهڙيون آهن جو جنوري جي آخر تائين چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن ساڳئي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ بيرسٽر محسن شاهنواز رانجها چونڊن جي حوالي سان چيو ته چونڊون جنوري يا فيبروري ۾ ٿينديون. 10 يا 15 ڏينهن هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿيون.