فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور کي ٻيهر گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي هڪ دفعو ٻيهر گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو. ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس. ڳالهيون دليلن جي بنياد تي ڪرڻ گهرجن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن هو ڳالهين ۾ عيب سمجهي ٿو ته مان وزيراعليٰ هائوس وڃڻ لاءِ تيار آهيان. صوبي جو ڪيس لاڳاپيل فورم تي وڙهڻ چاهيان ٿو. سمورين پارٽين کي دعوت ڏيان ٿو ته هو اچن ۽ صوبي جو ڪيس وڙهن. گورنر هائوس هر سياسي پارٽي جو گهر آهي. هن چيو ته سياسي مقابلا اليڪشن ۾ ڪنداسين، هي وقت ڪارڪردگي جو آهي، صوبي جي حقن لاءِ وڏي وزير سان هر وقت ملڻ لاءِ تيار آهيان، گورنر راڄ نه لڳائينداسين، پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وڏو وزير بجلي تي قبضو ڪرڻ جون ڳالهيون نه ڪري. ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته وفاق کي مشورو ڏنو آهي ته بجلي جون ٽئي ڪمپنيون صوبي جي حوالي ڪريو، صوبائي حڪومت ان ۾ نفعي نقصان جي ذميوار هوندي، بجلي جي سوئچ تي قبضي جي صورتحال نه ٿيندي. مان الف، ب، ت مٿان يقين رکان ٿو. الف جي معنيٰ آئين، ب جي معنيٰ بجلي ۽ ت جو مطلب مالاڪنڊ آهي.هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت کي چوان ٿو ته اچو ملي عوام جو ڪيس وڙهون. هي وقت جذبات جو نه، ذميواري جو آهي، ڪتن جي ڀونڪڻ سان قافلا ناهن بيهندا. صوبي جي حقن لاءِ سمورن سياسي اڳواڻن سان ملاقات ڪندس، مالاڪنڊ ۾ ٽيڪس جو مسئلو وفاق ۾ پيش ڪندس. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مالاڪنڊ ڊويزن جي عوام جو هر ڀيري ڪيل احتجاج جو حل نه پر مستقل حل ڪڍڻو پوندو.  ٽيڪس ڇوٽ ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو هو، عوامي گورنر آهيان، هر گهٽي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان ڪنهن کي به تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان،  ائين ناهي ته گورنر بنجڻ کان پوءِ منهنجا پر نڪري آيا آهن.