سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جو وقت ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، ڌرڻي جا محرڪ معلوم ڪرڻ لاءِ قائم ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن فيصلي تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي، ڌرڻي ڪيس جي ٽي او آر ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. چيف جسٽس فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڪيترو وقت گهرجي؟ ڌرڻي ڪميشن جو ڪم ڪڏهن پورو ٿيندو؟ اٽارني جنرل هڪ مهيني جو وقت گهريو اٽارني جنرل جواب ڏنو ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن 14 فيبروري تي ڪم مڪمل ڪندي، جنهن تي چيف جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪ آهي، ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 11 جلدن تي مشتمل عملدرآمد رپورٽ سيل بند لفافي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي هوڏانهن سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪميشن کان هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي هڪ مهيني بعد ٿيندي. ياد رهي ته انڪوائري ڪميشن جنوري جي ٽئين هفتي ۾ رپورٽ فائنل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي هئي.