فيض محمد بندو ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، هڪ پوليس اهلڪار زخمي

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو جي جمالي ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن دوران ڏوهاري سائين بخش عرف سائين ڏنو ناريجو مارجي ويو. ذريعن موجب، علائقي ۾ امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ وڏي پوليس نفري ڪچي طرف رواني ڪئي وئي آهي. مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار، صدام حسين سولنگي، زخمي ٿي پيو، جنهن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. پوليس ترجمان موجب، علائقي ۾ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پوليس کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.