فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، زال مڙس فوت

مھراڻ ھاء وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا آھنمھراڻ ھاء وي سبيل اسٽاف تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پڪاچانگ جي حيدري محلا جو رهواسي 25 ورهين جو راحب علي چانگ  ۽ سندس گھر واري رضيا چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويا آھن. فوتين جا مڙھ  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن، معلوم ٿيو آھي ته زال مڙس  شھر مان دوا وٺي واپس اچي رھيا ھيا ته حادثو پيش آيو آھي  نوجوان ۽ سندس گھر واري جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي.