اسلام آباد: (اربع: 01 مارچ 2023ع) اسلام آباد قائد اعظم يونيورسٽي انتظاميا 50 کان وڌيڪ شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا.ميڊيا رپورٽن موجب شاگردن تي ڪيس سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، ڀڃ ڊاهه ۽ شاگردن کي هيسائڻ تي داخل ڪرايا ويا.ايف آءِ آر موجب موجب، جهيڙي بعد يونيورسٽي جي ملڪيت کي نقصان پهچايو ويو.ياد رهي ته اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽي جي ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙي بعد پوليس پرامن شاگردن مٿان ڪڙڪي پئي سوين سنڌي شاگردن کي هاسٽلز مان زوري بي دخل ڪري سندن سامان اڇلايو ويو شاگردن تي تشدد ڪري ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو.