قاضي احمد: نيشنل هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافرڪوچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي

قاضي احمد نيشنل هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. نيشنل ھاءِ وي تي سرڪاري کوھ اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مردان واسي ياسر پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 5  ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾  احمد علي، عابد علي، شير خان ۽ ٻيا شامل آهن جن کي تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو جتان زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچ مردان کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته سرڪاري کوھ اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب حادثو پيش آيو. ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.