قاضي احمد ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي واپاري قتل، مقتول جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

 قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ پير فارم ڀرسان رات جو نامعلوم ھٿياربند گھر اندر ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي واپاري فتح محمد چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس پھچي لاش سول اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن لاش نيشنل ھاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ارباب چانڊيو ء سندس پٽ پرويز چانڊيو دانھيندي چيو تہ رات اڻڄاتل ھٿياربند گھر اندر داخل ٿي اسان جي ھمراھ کي گوليون هڻي بي درديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا رات کان ھن مھل تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو اسان جي ڪنھن سان بہ دشمني نه آهي اسان جي ھمراھ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي ھڪ ڪلاڪ روڊ بند ھجڻ کان پوءِ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ڌرڻي ۾ پھچي مقتول جي وارثن کان معلومات ورتي ۽ ڳالهيون ڪري انصاف جي يقين دهاني ڪرائي جنھن کان پوءِ روڊ کوليو ويو ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد کي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ھدايت ڪئي تہ فوري طور ايف آئي آر داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.