قاضي احمد ڀرسان خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون افسوس ناڪ حادثي سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. قاضي احمد شھر ٻاھران باء پاس روڊ تي علمدار چونڪ وٽ ڄڃ سان ڀريل ڊاٽسن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي حادثي جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتين کي فوري طور قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو ادثي دوران صدورو، غفوران، عابد سولنگي، علي گل سولنگي، افسانا سولنگي رسول بخش سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ معصوم ٻار عورتون مرد سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ شازيا .آمنا. اياز آست دلبر بگي ۽ ٻيا شامل آھن فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته 10 کان وڌيڪ زخمين جي حالت سيريس ھجڻ ڪري کين نواب شاھ منتقل ڪيو ويو آھي ٻڌايو پيو وڃي ته سولنگي برادري جي ڄڃ دولتپور ڀرسان ڳوٺ بچو راهو سڪرنڊ وڃي رھيا ھئا ساڻن حادثو پيش آيو جڏهن ته قاضي احمد پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل وٺي ڇڏيو آهي.