قاضي احمد: ڪچي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 3 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت

قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ ماستر محمد نواز راجپوت ۾ ڪچي ڀت ڪرڻ سبب ٽي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا.ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويلن ۾ ارسلان ولد عمران عمر 12 سال، عائشہ ولد عمران عمر 10 سال، عليشا ولد عمران عمر 8 سال شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڀت ڪري پئي جنهن ۾ هڪ ئي گهر جا ٽي معصوم گل فوت ٿي ويا ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ هو اوچتو اهڙو واقعو پيش اچڻ سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.