قمبر ۾ گهرو اڻبڻت تان ناٺي جي فائرنگ، سهرو ۽ زال قتل، سالو زخمي

قمبر ڀرسان مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان ناٺي جي فائرنگ ۾ سهرو ۽ زال قتل ٿي ويا، جڏهن ته سالو مرڻينگ ٿي پيو ڳوٺ دوست محمد چانڊيو ۾ مزن چانڊيو گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري سهري محبوب چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس زال صنم به قتل ٿي وئي. جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب جوابدار جو سالو منير چانڊيو زخمي ٿي پيو. زخمي کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو علائقي واسين موجب مزن چانڊيو جو ذهني توازن درست نه آهي کيس گذريل ڏينهن به علاج لاءِ اسپتال نيو ويو هو