قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي

قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري وزيراعظم شهباز شريف کي موڪلي وئي، سمري پارلياماني معاملن واري وزارت موڪلي. ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪليندو. ذريعن موجب پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان موڪليل سمري ۾ تاريخ جو باڪس خالي رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندوا ن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت جو مدو اڄ ختم ٿي ويندو، نگران حڪومت کي اختيار ڏنا ويندا. حڪومت ۽ ادارا گڏجي ترقيءَ جو هڪ جامع نظام جوڙيو آهي، جلد پاڪستان قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهندو، ٻي صورت ۾ يقين رکو، سڀ ڪجهه وساري ويهنداسين هن چيو ته اسان کي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ واري نظام تي اتفاق ڪرڻو پوندو دنيا آڏو سر بلند ڪري هلڻ جون ٻيون به ضرورتون آهن، اسان کي 14 آگسٽ جي آزادي واري ڏهاڙي تي فيصلو ڪرڻو پوندو، ٻيو ڪجهه نه پر پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احترام ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان هڪ عظيم ليڊر قائداعظم جي قيادت ۾ ٺاهيو پر اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو. شهباز شريف چيو ته ڪالهه منهنجي حڪومت جو آخري اجلاس ٿيو، اسان کي گڏجي زراعت کي ترقي ڏيڻي آهي پاڪستان کي ٽريلين ڊالرن جا معدني وسيلا ڏنا ويا آهن، انهن کي استعمال ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان ۾ خوشحالي جو انقلاب آڻڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. دفاعي صلاحيتن کي وڌايو ويندو، ٻين ملڪن مان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي.