قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل، ووٽن جي ڳڻپ جاري

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي جنهن کان چونڊ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ اجلاس راجا پويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر آسيه اسحاق پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڳجهي راءِ شماري سان ووٽ وڌا قومي اسيمبلي اسپيڪر لاءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اياز صادق جو مقابلو پي ٽي اءِ جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙ عامر ڊوگر سان آهي. ٻئي طرف ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ پيپلز پارٽي جي غلام مصطفيٰ جو مقابلو پي ٽي آءِ جي جنيد اڪبر سان آهي اجلاس ۾ سخت بدنظمي نظر آئي ايوان ۾ هنگامو ڪرڻ تي اسپيڪر سيڪيورٽي کي طلب ڪري ورتو. سني تحريڪ جا ميمبر ايوان ۾ جوتا لهرائنيدا رهيا. گيلري ۾ ويٺل مهمان ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺي ٿي. جنهن کان پوءِ اسپيڪر گيلري ۾ جهيڙو ٿيڻ تي سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جمشيد دستي ۽ گيلري ۾ موجود ماڻهن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.