قومي اسيمبلي ۾ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور

قومي اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير نذير تارڙ ارشد نديم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي قومي اسيمبلي جي ميمبرن منظور ڪيو. قومي اسيمبلي اولمپڪ گيمز ۾ گولڊ ميڊل ماڻيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري پاران ارشد نديم کي سول ايوارڊ سان نوازيو وڃي. گذريل ڏينهن ارشد نديم پئرس اولمپڪس جي جيولن ٿرو مقابلن ۾ نئون ريڪارڊ قائم ڪندي گولڊ ميڊل کٽي ورتو هو، ارشد نديم جي ڪاميابي سبب پاڪستان کي 32 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل مليو. ارشد نديم مينز جيولين ٿرو ايونٽ ۾ 92.97 ميٽرز جي فاصلي تائين نيزو اڇلائي 2008 جو اولمپڪ ريڪارڊ به ٽوڙيو، سنڌ سرڪار پاران ارشد نديم لاءِ 5 ڪروڙ روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.