قومي عيد واري ڏهاڙي تي سنڌ سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي: سسئي پليجو

سينيٽر سسئي پليجو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي بابت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مان سنڌ سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي قومي عيد جون مبارڪون پيش ڪريان ٿي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي پنهنجو بيان جاري ڪندي سسئي پليجو چيو ته سنڌي قوم ڪيترن ئي ھزار سالن کان وڌيڪ قديم ۽ شاھوڪار ثقافت ۽ تھذيب رکي ٿي سنڌ واسين ھتي ايندڙ ھر ڪنهن کي بنا رنگ نسل ٻولي ۽ مذهبي تفريق مھمان نواز ھجڻ جو ثبوت ڏيندي جيء ۾ جايون ڏنيون آھن سسئي پليجو چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ ڪھڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ ھجن انھن کي به سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماء سمجھڻ گھرجي هن چيو ته اڄ قومي عيد آھي سنڌ واسين کي پنهنجي قومي ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون ھجن.