قوم مطمئن رهي چونڊون وقت تي ڪرايون وينديون: صادق سنجراڻي

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته قوم مطمئن رهي چونڊون وقت تي ڪرايون وينديون، چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي قائداعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ملڪ ۾ نگران حڪومتون اچي چڪيون آهن جمهوري سلسلو اڳيان وڌي رهيو آهي صادق سنجراڻي چيو ته صوبن جي دفاع لاءِ سينيٽ ڪم ڪندو رهندو، نگران وزيراعظم بلوچستان مان ئي چونڊ ٿيو آهي اهڙي طرح سان ئي بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪنداسين پر 90 ڏينهن ۾ مسئلا حل نه ٿيندا آهن
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سڀني ملي آدمشماري جي منظوري ڏني آهي چونڊن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قوم مطمئن رهي چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي راجا رياض جي خبر نه آهي ته اهو ڪنهن کي وڏو چئي رهيو آهي