عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان کي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته ڪنڊي پي ٽي آءِ باني جي بريت ۽ پروڊڪشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني جي بريت واري درخواست تي وڪيل نعيم پنجوتها دليل ڏنا ته پي ٽي آءِ باني تي سمورن ڪيسن ۾ لڳايل الزام ڪوڙا آهن، انهي تي هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن ۾ هڪ ئي قسم جو ڪردار هو. مدعي ايس ايڇ او آهي جنهن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ڪيسن ۾ گواهن جا بيان به شامل نه ڪيا ويا آهن جج شائسته ڪنڊي پڇيو ته ان کان پهريان به پي ٽي آءِ باني ڪيسن ۾ بري ٿي چڪو آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته ان کان اڳ به پي ٽي آءِ باني ڪيترن ئي ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ جج پي ٽي آءِ باني جي لانگ مارچ، ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ بريت جي درخواست منظور ڪندي ٻنهي ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ باني جي خلاف سهالا ۽ لوهي بهير ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.