لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

 پنجاب ۾ صوبائي راڄڌاني سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا جنهن کان پوءِ شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمي جو ورد شروع ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب لاهور مسيت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. شروعاتي رپورٽن موجب پتوڪي، ننڪانه، مانانواله، جهلم ۽ واربٽرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا سرائي مغل، جهلم، ڪماليه ۽ گجرات جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا.زلزلي کان پوءِ ماڻهن خوفزده ٿي ڪلمي جو ورد شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ماڻهو گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن کان ٻاهر نڪري آيا، فوري طور تي زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي نقصان جي اطلاع ناهي ملي سگهي. زلزلي جي شدت 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مرڪز کهاريان جي ڀرسان 15 ڪلو ميٽر گهرائي هو. آمريڪي زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.2 ۽ زمين اندر اونهائي 10 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستاني زلزلي ماپ ڪندڙ مرڪز موجب شدت 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي. نقصان جي حوالي سان اڃان تائين ڪابه ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي