لاهور شاهي قلعي جي 400 سال پراڻي پڪچر وال جو 8 سالن بعد ’علاج‘ مڪمل

لاهور جي تاريخي شاهي قلعي جي لڳ ڀڳ 400 سال پراڻي مشهور پڪچر وال جي حفاظت ۽ بحالي جو منفرد منصوبو 8 سالن جي مسلسل محنت کان پوءِ مڪمل ڪيو ويو آهي.

عام طور علاج انسانن جو ڪيو ويندو آهي، پر هن منفرد تحفظاتي منصوبي ۾ ماهرن تاريخي ڀت کي هڪ مريض وانگر سمجهي، ان جي خرابين ۽ ڪمزورين جي تفصيلي جاچ ڪئي. ان کان پوءِ جديد سائنسي طريقن ۽ روايتي تعميراتي مهارتن جي مدد سان ڀت جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو.ماهرن موجب منصوبي جو مقصد تاريخي ورثي کي ان جي اصل حالت جي ويجهو رکندي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ بڻائڻ هو. ان دوران ڀت جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪيو ويو، خراب ٽائلس ۽ نقش و نگار جي بحالي ڪئي وئي ۽ موسم جي اثرن سبب ٿيل نقصان جو به ازالو ڪيو ويو.هي منصوبو تاريخي ورثي جي تحفظ جي حوالي سان هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان شاهي قلعي جي صدين پراڻي خوبصورتي ۽ تاريخي اهميت کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي.