لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد جميل خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد جميل خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جسٽس شاهد جميل پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جسٽس شاهد جميل خان کي 2029ع ۾ رٽائر ٿيڻو هو، جسٽس شاهد جميل جو سينيارٽي لسٽ ۾ يارهون نمبر هو ذريعن موجب جسٽس شاهد جميل پنهنجي درخواست ۾ استعيفيٰ جو ڪارڻ ذاتي سبب ڄاڻايا آهن.