لاهور :هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي تربيت روڪي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرز ۽ ريٽرننگ آفيسرز جي جاري ٽريننگ کي روڪي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان چئني صوبن جي صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي تربيت کي روڪيو وڃي ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊون ايگزيڪٽو کان ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هوپاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پنجاب ۾ چونڊون ايگزيڪٽو کان ڪرائڻ خلاف داخل درخواستن تي جسٽس باقر نجفي پنج صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو هو فيصلي ۾ جسٽس باقر نجفي عام چونڊون ايگزيڪٽو کان ڪرائڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ۽ درخواستن تي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي. ان سان گڏ جسٽس علي باقر نجفي فائل چيف جسٽس ڏانهن اماڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي لکيل حڪم نامي ۾ چٽو لکيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان بيورو ڪريسي کان خدمتون وٺڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي ٿو.