لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز، حمزه شهباز خواجا آصف، عليم خان عون چوڌري سميت ڪيترن ئي اميدوارن جي ڪاميابي خلاف درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي لاهر هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن 2024 ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن سميت مختلف اميدوارن طرفان ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي اين اي 119 لاهور تان مريم نواز جي ڪاميابي خلاف مخالف اميدوار شهزاد فاوق جي وڪيل اعظم باجوا چيو ته اسان مها راڻي مريم نواز خلاف اليڪشن وڙهي آهي. جنهن تي جسٽس علي باقر نجفي وڪيل کي تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان اهڙا لفظ استعمال ڪندو ته مان ڪيس نه ٻڌندس. ٻڌڻي دوران وڪيل اعظم باجوا جي اعظم نذير تارڙ سان ڏند چڪ پڻ ٿي حمزه شهباز، خواجا آصف، عليم خان ۽ عون چوڌري خلاف به درخواستن جي ٻڌڻي ٿي عدالت چيو ته درخواست داخل ڪرڻ جو پهريون فورم اليڪشن ڪميشن آهي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته هڪ سئو کان وڌيڪ شڪايتون اليڪشن ڪميشن وٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن. اميدوارن جي ڪاميابي جو حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ٽربيونل جو اعلان ڪيو ويندو اين اي 117 لاهور تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار موقف اختيار ڪيو ته عبدالعليم خان فارم 45 ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. آر او جي فارم 47 ۾ عبدالعليم خان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي آهي آر او جي درخواست کان پوءِ به ان تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي عدالت ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ٻڌڻي دوران(ن) ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو به ممڪن آهي ته جيڪي اميدوار کٽيا آهن انهن وٽ فارم 45 ۾ موجود انگ اکر ڪجهه ٻيا هجن ۽ هارائيندڙ اميدوارن جي فارم 45 ۾ انگ اکر ڪجهه ٻيا هجن ماضي ۾ به اهوئي ٿيندو رهيو آهي ته هارائيندڙ اميدوار فارم 45 جا نمبر تبديل ڪري ڇڏيندا هئا صدر سپريم ڪورٽ بار شهزاد شوڪت به ٻڌڻي دوران پيش ٿيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ جي سلمان اڪرم راجه جي دعويٰ آهي ته انهي وٽ فارم 45 موجود آهي جنهن ۾ هو کٽي چڪو آهي. مخالف عون چوڌري وٽ به سمورا فارم 45 موجود آهن جنهن موجب هو کٽي چڪو آهي. جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊ نتيجن جي خلاف درخواستن تي ڪارروائي ملتوي ڪندي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو.