لاهور: ڊپٽي ڪمشنر لاهور سيڪيورٽي خدشن سبب عورت مارچ منعقد ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو جنهن جي خلاف عورت مارچ انتظاميه لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.رپورٽ موجب عورت مارچ جي آرگنائيزنگ ڪميٽي 6 مارچ تي ناصر باغ لاهور ويجهو مارچ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ ڊي سي کي درخواست ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر لاهور جماعت اسلامي جي حيا مارچ ۽ ٻين تنظيمن جي احتجاج سبب عورت مارچ انتظاميه کي ناصر باغ، ايوان اقبال، الحمرا ۽ مال روڊ تي مارچ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.سول سوسائٽي، عورتن جي نمائنده مختلف اين جي اوز ۽ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي لاهور ۾ عورت مارچ منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، ان حوالي سان هاڻ انتظاميه جو چوڻ آهي ته عورت مارچ اسان جو آئيني حق آهي ۽ اسان ان کان پوئتي نه هٽنداسين.ڊپٽي ڪمشنر رافعه حيدر سيڪيورٽي خدشن، مارچ دوران تڪراري پلي ڪارڊ، نعرن ۽ ساڳئي ڏينهن جماعت اسلامي جي عورتن طرفان مال روڊ تي حيا مارچ جي شرڪت ڪندڙن سان جهيڙي جي خدشن سبب عورت مارچ انتظاميه جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي لاهور رافعه حيدر ٻڌايو ته سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽن موجب عورت مارچ جي حوالي سان ڪافي ٿريٽ الرٽس آهن ان لاءِ درخواست رد ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب هڪ مذهبي پارٽي عورت مارچ کي هر قيمت تي روڪڻ جو به پروگرام ٺاهيو آهي جنهن سبب شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.