تفصيل موجب اقتصادي معاملن واري ڊويزن ايم ايل ون فنانسنگ لاءِ نئين چيني اختيارين کي خط لکي ڇڏيو، ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته پاڪستاني اقتصادي ۽ تجارتي صلاحڪار گذريل هفتي اها درخواست ڪئي هئي. ريلوي ڊويزن جي عملدارن قومي اسيمبلي جي رٿابندي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ايم ايل ون جي تعمير بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي کان حيدرآباد تائين ايم ايل ون منصوبي جي جاچ کانپوءِ ملتان منصوبي جي شروعات ايندڙ هفتي ٿيندي .
ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته ايم ايل ون ٽيسٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽرين جي رفتار 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي ويندي. ريلوي ڊويزن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ منصوبي ۾ ڪراچي کان حيدرآباد تائين ٽريڪ جي ٻنهي پاسن تي فينسنگ لڳائي ويندي، پاڪستان ۾ في ماڻهو آمدني ۾ گهٽتائي سبب هاءِ اسپيڊ ٽرين جو منصوبو نه آندو ويندو. آفيسرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي تيز رفتار ٽرين سروس هلائڻ لاءِ 62 بلين ڊالرن کان وڌيڪ رقم جي ضرورت پوندي، جڏهن ته تيز رفتار ٽرين سروس هلائڻ سان لاهور کان ڪراچي جو سفر جهاز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو ٿيندو. آفيسرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم ايل ون جي تعمير کانپوءِ ڪراچي کان لاهور جو سفر 10 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿي سگهندو.