تفصيل موجب سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ لاهور ستين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي 206 پارٽيڪيوليٽ ميٽرن سان دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، آسمان تي سموگ جا بادل ڇانيل آهن. موسميات کاتي موجب مري، گليات سميت مٿانهين علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي آهي، جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ به هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.