لاهور ۾ فضائي آلودگي تي ضابطو نه آڻڻ خلاف 3 ورهين جي ٻارڙي عدالت پهچي وئي

تفصيل موجب 3 ورهين جي امل سکيرا بيرسٽر علي ظفر جي ثالثي ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فضائي آلودگي تي ضابطو نه آڻڻ خلاف درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آلودگي سبب سندس خاندان، دوست، ڪلاس ميٽ ۽ ايندڙ نسل، ٻار ۽ بزرگ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، ماحوليات کاتو ۽ پنجاب حڪومت فضائي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. وڌيڪ پڙهو: اهم خبر! مارڪيٽن کي رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
ڇوڪريءَ پاران چيو ويو ته پنجاب حڪومت آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جو تحفظ نه ڪيو آهي، رپورٽن مطابق فضائي آلودگي سبب سراسري زندگي ساڍا 5 سال گهٽجي وئي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پنجاب حڪومت کي دونھون خارج ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن سيڪريٽري ماحوليات کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن جواب طلب ڪري ورتو.