لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ عورت تي مڙس ۽ ساهرن طرفان تشدد ڪيو ويو جنهن جو پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون آئي جنهن ۾ عورت کي گهر مان گهٽيءَ ۾ هيٺ ڪرندي ڏٺو ويو هو وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته عورت تي تشدد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ سس ۽ سندس مڙس ان کي گهر جي ٻئي ماڙ تان ڌڪو ڏنو وڊيو ۾ عورت جي پاڙي وارن کي به فورن هيٺ ايندي ڏٺو ويو جنهن کان پوءِ عورت کي اسپتال آندو ويو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ان حوالي سان ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته گلشن راوي ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ عورت تي مڙس، سس ۽ ڏير تشدد ڪيو جنهن کان پوءِ کيس گهر جي ٻئي ماڙ تان ڌڪو ڏئي هيٺ اڇلايو ويو ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته عورت تي اهو ظلم صرف معياري کاڌو نه ڏيڻ تي ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ موجب مرڪزي جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ياد رهي ته 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو هو ته عورتن سان زيادتي ۽ انهن کي حراسان ڪرڻ منهنجي ريڊ لائن آهي. عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.