لاڙڪاڻي ۾ اکين جي نور کان محروم نوجوان ڪاشف جتوئي نگران حڪومت کان شادي ڪرائڻ ۽ نوڪري ڏيڻ سان گڏ هڪ ڪروڙ رپين جي گهر ڪري ڇڏي آهي لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سونو جتوئي جي رهواسي اکين جي نور کان محروم ڪاشف جتوئي پريس ڪلب آڏو انوکو احتجاج ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون اکين جي نور کان محروم آهيان شادي ناهي ڪئي نوڪري ناهي ملي سگهي عمر تيزي سان گذري رهي آهي هن نگران حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته هڪ ڪروڙ رپيا ڏئي، سرڪاري نوڪري سان گڏ شادي به ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.