لاڙڪاڻو: شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل ڪرايل عورت ۽ سندس ٻار ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي لاپرواهي سبب فوت

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل ڪرايل شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ غلام علي خان لغاري واسڻ عورت آسيه زال عرفان لغاري ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار فوت ٿي ويا جنهن جي وارثن ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي عورت آسيه جي مڙس عرفان علي لغاري پنهنجي ڀاءُ مختيار علي لغاري ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن 4 وڳي مان پنهنجي گهر واري آسيه کي ويم لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرياڻي آپريشن لاءِ ٽيسٽون ڪرائي گهر واري کي رت جون ٿيلهيون چاڙهي دوائون لکي ڏنيون جيڪي دوائون اسپتال ۾ موجود نه هيون اهي دوائون اسان پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪيون پر ان جي باوجود ڊاڪٽرياڻي گهر واري جو آپريشن ڪري ٻار نيڪال نه ڪيو ۽ نه ئي کيس بهتر علاج ڏنو ويو جنهن ڪري منهنجي گهر واري ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار فوت ٿي ويا آهن جنهن جي موت جا ذميوار ڊاڪٽرياڻي ۽ اسپتال عملو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي ۽ اسپتال عملي مٿان گهر واري ۽ فوت ٿي ويل ٻار جو قتل ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.