لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ شهري وچ ۾ جهيڙو، هڪٻئي کي ٺاهوڪي مارڪٽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب اهڙو واقعو وليد ٿاڻي جي حد نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ پيش آيو آهي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪار ۽ شهري وچ روڊ تي سرعام هڪٻئي کي مارڪٽ ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار نجف شاهاڻي شهري وچ ۾ جهيڙو ذاتي رنجش سبب پيش آيو آهي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن في الحال اهلڪار نجف شاهاڻي کي معطل ڪيو ويو آهي تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.