لاڙڪاڻو ڀرسان ٻن پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجيمينٽ جي آفيس ۾ ڊيوٽي دوران ٻن پوليس اهلڪارن جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ممتاز علي ڀٽو تڏي تي قتل ٿي ويو. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي سچل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ جي آفيس ٻاهريان پوليس اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن ته ان دوران ٻن اهلڪارن اظهر علي ڪلهوڙو ۽ ممتاز ڀٽو ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ممتاز ڀٽو تڏي تي قتل ٿي ويو آهي. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول اهلڪار جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب وڌيڪ ڪارروائي جاچ کان پوءِ ڪئي ويندي.