“لاڙڪاڻو ۾ سڱاوتي معاملي تان هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل”

لاڙڪاڻو ضلعي جي ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم شاھ ۾ سڱاوتي معاملي تان ھٿياربندن  حملو ڪري گهر ڌڻين تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن  جي نتيجي ۾   50 ورهين جي مسمات زاهده گاڏهي ۽ سندس 18 ورهين جو نوجوان پٽ  مجاهد ٿڏي  تي قتل جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي  قتل ٿي ويل ماءُ ۽ سندس پٽ جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا  جڏهن ته زخمي معشوق  گاڏهي ۽ سندس نياڻي مرڪ سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳيريلو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي زخمين کي لاڙڪاڻي ايمرجنسي منتقل ڪري ڇڏيو  ان سلسلي ۾ ڳيريلو پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته   واقعي جي خبر پوڻ سان اسان واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي لاڙڪاڻي ايمرجنسي منتقل ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته  واقعي جو ڪارڻ غوثپور جي رهواسي  جاگيراڻي  ذات جي ماڻهن سان سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.