اوهان ڪيترن ئي دوستن ۽ مٽن مائٽن جي سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا آهيو ۽ ساڻن محبت جو اظهار به ڪندا آهيو پر لاڙڪاڻي واسي نوجوان پالتو جانور سان محبت جو شاندار مثال قائم ڪري ورتو آهي پير شير روڊ واري علائقي جي رهواسي شاگرد افسر جتوئي پاليل ڳئون جي ٻچڙي ڪيپري جي عمر هڪ سال ٿيڻ تي سالگرهه ملهائي جنهن ۾ سندس دوستن به شرڪت ڪئي. ڳئون جي ٻچڙي ڪيپري کي سينگاري ساڻس گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته نوجوان جي دوستن هڪٻئي جا وڊيوز ٺاهي مبارڪون به ڏنيونان حوالي سان شاگرد نوجوان جو چوڻ آهي ته مون ڪيڊٽ ڪاليج جهلم مان پاس آئوٽ ڪيو آهي پنهجي پالتو جانور جي سالگرهه ملهائڻ جو مقصد ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ آهي ڪيپري منهنجو سٺو دوست آهي، جيڪو مون سان بي پناهه پيار ڪري ٿو، هڪ سال ٿيڻ تي ساڻس گڏجي سالگره ملهائي آهي.