لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي تڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو مقتول نوجوان جي سڃاڻپ باڊهه واسي نوجوان زوهيب پٽ عبداللطيف پنهور طور ٿي آهي، واقعي جو اطلاع وارثن کي پڻ ڏنو ويو. رابطي ڪرڻ تي مقتول جي ڀاءُ بشير پنهور ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ زوهيب باڊهه مان جيڪب آباد برادري جي سردار تيمور خان پنهور سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته لاڙڪاڻي پهچڻ تي هٿياربندن بيگناهه کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي هن مطالبو ڪيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جا ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيا آهن وارثن کي اطلاع ڏنو آهي جن به ڪارڻ ناهي ٻڌايو تنهن ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.