لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي رهواسي دربان لهر ڪاروڪاري جو الزام مڙهي پنهنجي نوجوان گهرواري ڪونج خاتون کي نرڙ ۾ گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد ننڍي ڀاءُ عرفان علي لهر کي پڻ ڄنگھ ۾ گوليون هڻي مرڻيگ ڪري ڇڏيو اهڙي واقعي جو اطلاع علائقي واسين پاران حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتان عورت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ نوجوان کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار دربان لهر ڪاروڪاري تحت فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان گهرواري ڪونج خاتون کي قتل ۽ ننڍي ڀاء عرفان لهر کي زخمي ڪرڻ کان پوءِ واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو. هوڏانهن اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ڪائي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي