لودهران ۾ مڙس مبينه طور تي ڳورهاري زال ۽ ڏيڍ ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو پوليس موجب ٻٽي قتل جي اها واردات لودهران جي تعلقي ڪهروڙپڪا جي علائقي مسه ڪوٺا ۾ ٿي. پوليس ٻڌايو ته عرفان نالي شخص جو گهر ۾ پنهنجي ڳورهاري زال رقيه سان جهيڙو ٿي پيو ته سندس زال مبينه طور تي ان جي منهن تي چماٽ هڻي ڪڍي جنهن تي هن مبينه طور تي پهريان پنهنجي زال جي گلي ۾ ڦاهو وجهي ان کي قتل ڪيو ان کان پوءِ پنهنجي ڏيڍ ورهين جي ڌيءَ جي منهن تي وهاڻو رکي ان کي به گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو صدر ٿاڻي ڪهروڙپڪا جي پوليس ماءَ ڌيءَ جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ ڪهروڙ پڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪري واردات واري جڳهه ۾ قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپڙو، وهاڻو ۽ ٻيون شاهديون به حاصل ڪري ورتيون پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا جنهن سبب انهن جو پاڻ ۾ ڪافي ڏينهن کان جهيڙو هلندڙ هو.