لياري مان ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار جميل بلوچ گرفتار

ڪراچي : رينجرز ۽ پوليس لياري مان ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار جميل بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي تفصيل موجب لياري ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروائي ڪري ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار جميل احمد عرف جميل بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان موبائل فون ۽ سم هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار سعيد آباد جي رهواسي کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون هيون ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار گهر جي اڏاوت جي الزام ۾ ڀتا گهرندا هئا، ڀتا نه ڏيڻ جي صورت ۾ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف سعيد آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدار کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.