لياري ۾ دهشت جي علامت سمجهندڙ لياري گينگ وار جي اڳوڻي سربراهه رمضان ڊڪيت جو جانشين نبي بخش پوليس جي هٿان مبينه مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو تفصيل موجب پوليس آچر ۽ سومر جي رات دير سان سول ڊفينس ايريا جبلي مارڪيٽ جي ڀرسان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جڏهن ته ان جي ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. مارجي ويل ڦورو جي لاش ۽ زخمي کي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪراچي پوليس جي ترجمان مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورهين سارابان بلوچ ولد عبدالرحمان بلوچ، جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 28 ورهين مقصود شاهه ولد محسن شاهه جي نالن سان ڪئي وئي. مارجي ويل ۽ زخمي جوابدارن سان 2 پستول، چار ڦر ڪيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي مارجي ويل جوابدار لياري گينگ وار جي اڳوڻي سربراهه عبدالرحمان بلوچ عرف رحمان ڊڪيت جو پٽ هو، مارجي ويل ۽ زخمي جوابدارن جي خلاف پوليس مقابلا، قتل، ۽ هٿيارن جي ايڪٽ سميت ٻين قلمن جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.