سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لياري ۾ 9 غير محفوظ عمارتن کي خالي ڪرائي ورتو آهي، انهن مان هڪ کي ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي، متاثر خاندانن کي 3 مهينن جو ڪرايو ڏنو ويندو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت لياري ۾ 9 غير محفوظ عمارتن کي خالي ڪرائي ورتو آهي انهن مان هڪ کي ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي. متاثر خاندانن جي مالي امداد جي لاءِ انهن کي 4 مهينن جو ڪرايو ڏنو ويندو. ايس بي سي اي جي نئين ڊي جي آفيسرن کي 15 ڏينهن ۾ اثاثا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي هن چيو ته غيرقانوني عمارتن جي تعمير ۽ تحفظ ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت، سنڌ اليڪٽرڪ پاليسي 2024ع ايندڙ مهيني متعارف ڪرائي پئي وڃي، صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نوري آباد ۽ ڌاٻيجي صنعتي زونز ۾ بجلي في يونٽ 18 روپيه جي سبڊي ڏني ويندي. ايجنسي برائي ماحولياتي تحفظ سي ويو تي غيرقانوني گندي پاڻي جي نيڪال جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي. غيرقانوني گندي پاڻي جي نيڪال تي ٽيمن کان 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سنڌ مان 800 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. عدالت جي حڪم جي باوجود يوٽيلٽي اسٽورز ملازمن کي بحال نه ڪيو ويو آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڪمپنين کي هدايت ڏني آهي ته اپريل ۽ مئي 2025ع جي دوران صارفين کان وڌيڪ وصول ٿيل رقم واپس ڪريو، في يونٽ 4.035 روپيه ۽ 50 پئسا واپس ڪيا ويندا.